حبيب حضوري

حبيب حضوري: ميان حبيب حضوري سن 1624ع ڌاري دادو شهر کان 5 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ڳوٺ مڏ شريف ۾ تولد ٿيو. ميان حبيب حضوري حافظ، معلم، مدرس ۽ فقيھ هو. هو ولايت جو صاحب هو. ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏانهنس منسوب آهن. ميان حبيب حضوري مڏ شريف ۾ هڪ وڏو مدرسو قائم ڪيو. اهو مدرسو اڄ تائين قائم ۽ دائم آهي. هن مدرسي ۾ ڪيترائي طالب علم داخل ٿيا ۽ ديني تعليم حاصل ڪري دستاربند ٿي وڃي درس و تدريس جي ڪم ۾ مشغول ٿيا. سندن فيض برڪت جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. ميان حبيب حضوري 60 سالن جي ڄمار ۾ 1687ع ۾ رحلت فرمائي. سندس آخري آرام گاهه مڏ شريف ۾ آهي. سندن مزار مٿان مقبرو جوڙايو ويو آهي. هر سال 27- رجب المرجب تي سندس عرس ملهايو ويندو آهي. هن درگاهه جو متولي ميان محمد پيرزادو آهي. ساڻس گڏ محمد عرس ڪنڀر، ڊاڪٽر آر.ڪي ممتاز پنهور، وزير علي، عيسى فقير ۽ عبدالغفار فقير درگاهه جي سنڀال ۽ عرس ملهائڻ لاءِ ساٿ نڀائي رهيا آهن.


لفظ حبيب حضوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو